صديق قمبراڻي

صديق قمبراڻي

صديق قمبراڻي

صديق قمبراڻي: مشهور ملهه پهلوان صديق قمبراڻي 1942ع ڌاري ڳوٺ آراڙو ڀرڳڙي، تعلقي سامارو ضلعي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.ِ سندس والدين اتان لڏي تعلقي ڪوٽ غلام محمد ۾ رهائش پذير ٿيا. هن کي ملاکڙن ۾ پهلوانن کي ملهه وڙهندي ڏسي ملهه سکڻ جو شوق ٿيو. پوءِ ٻاويهن سالن جي عمر ۾ هن پنهنجي ڳوٺ جي هڪ پهلوان دودي شيديءَ کان ملهه جي باقاعدي سکيا ورتي. مڪمل انگ سکڻ کانپوءِ کيس استاد شاگردي جو ڌاڳو ٻڌي ملاکڙن ۾ ملهه وڙهڻ جي اجازت ڏني. هن ٽئين جوڙ ۾ ملهه وڙهڻ جي شروعات ڪئي. مختلف ميلن ۾ ٿيندڙ ملاکڙن ۾ مسلسل ڪاميابي ماڻڻ تي جلدي ٻئين جوڙ ۾ داخل ٿيو. ٻئين جوڙ ۾ يڪي خاصخيلي کي استاد ڪيائين ۽ وٽائنس شاگردي جو ڌاڳو ٻڌايو. ٻئين جوڙ ۾ ڏهن سالن تائين وڙهيو، جنهن بعد پهرين جوڙ ۾ شامل ٿيو ۽ سڄي سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن جي ملاکڙن ۾ اتر سنڌ جي پهلوانن کي شڪست ڏئي گهڻا انعام ماڻيائين ۽ چڱو نالو ڪمايائين. هو پهرين جوڙ جو بهترين پهلوان هو. هميشه لاڙ جي پهلوانن جي طرف کان ملهه وڙهندو هو. اتر جي تمام مشهور پهلوانن سان مقابلا ڪري شڪست ڏنائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو